خشڪ عبدالله

خشڪ، عبدالله: بزرگ عبدالله خشڪ، گيل موري، ڳوٺ قاسم خشڪ، تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ 1933ع ڌاري ڄائو. قرائت جو فن ۽ علم قرائت محمد ميهڙ واري کان سکيو. 30 سال مدرسه هاشميه سجاول ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين. قرائت جي فن لاءِ کيس مڪي ۾ سعودي حڪومت گهرايو ۽ سعوديه جي قاري عالمن قرائت جي فن ۾ کيس وڏو داد ڏنو. مڪي جي پيش امام کيس پاڻ وٽ رکايو، جتي ڪيترا سال قرئت جو فن سيکاريندو رهيو. هن 1981ع ۾ حياتيءَ جون 48 سال بهارون ماڻي، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس مدرسو گيل موريءَ ڀرسان ’قاسم العلوم خشڪ‘ جي نالي سان هلندڙ آهي، جنهن ۾ ڪيترا شاگرد عربي ۽ فارسي علم پڙهي رهيا آهن، هن مدرسي جي نگراني مولوي خدابخش خشڪ ۽ سندس ڀاءُ ڪري رهيو آهي. قاري عبدالله خشڪ پاڪستان ۽ دنيا جو مڃيل قاري هو. هي عالم ابن قاسم مسجد جي پويان آرامي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو